درد جو دريا

درد جو دريا (ڪتاب): هي شاعريءَ جو ڪتاب مشهور شاعر عبدالغفور عابد جي ڪلام جو مجموعو آهي، جنهن جو پيش لفظ نامور شاعر شمشير الحيدريءَ لکيو آهي. هو لکي ٿو ته ”عبدالغفور جوڻيجي سان منهنجون هڪ کان وڌيڪ نسبتون آهن، اول ته هو منهنجو ڳوٺائي آهي، بدين جو رهاڪو، ٻيو ته هو منهنجي پاڙي غريب آباد ۾ پلجي وڏو ٿيو آهي، ٽيون ته هو منهنجي استاد مولوي عبدالله صاحب جو فرزند آهي. . . هن کي مون حيدرآباد ۾ تعليم وٺندي ڏٺو، تڏهن مختلف اخبارن ۾ عامل صحافيءَ جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو . . . سنڌي شاعريءَ ۾ هن بنهه نئين گس گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سندس خيال ۽ ادائگي اصلي آهي. . . عبدالغفور سنڌي نظم توڙي غزل جا اصل انوکا تجربا ڪيا آهن ۽ نئين زبان ۽ نئون لهجو متعارف ڪرايو آهي.“ ڪتاب جا ٻه اکر محمد سومار شيخ لکيا آهن ۽ ڪتاب جو انتساب مولوي احمد ملاح جي نالي ڪيو ويو آهي. هن شعري مجموعي ۾ نظم ۽ غزل شامل آهن. ڪرائون سائيز جي 94 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت هڪ روپيو آهي، جيڪو ساگر پبليڪيشن بدين، 1970ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو